اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت اڏاوتن ۽ ايس ايم ايز جي فروغ ??ي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون پر سموريون ممڪن مراعتون به فراهم ڪيون وينديون. هو سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيز بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صد??رت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير حماد اظهر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلا??ڪا?? ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر جو چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ٻ??ا سينئر آفيسر شريڪ هئا.