اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي ذريعي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاڪ فوج سان گڏجي ڪوويڊ 19 جو ڀرپور مقابلو ڪيو، اڄ پوري ??نيا پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي کي ساراهي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ کنيل قدمن جي ڪري پاڪستا?? ۾ ??ورونا وائرس جو زور نه رڳو گهٽ ٿيو پر ڏهاڙي فوتگين ۽ پازيٽو ڪيسن جو انگ پڻ گهٽ ٿيو، عوام کي اپيل آهي ته عيدالاضحيٰ دوران صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل ايس او پيز ۽ گائيڊ لائينز تي مڪمل عمل ڪري ??ه جيئن ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ وڌيڪ نه ٿئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام، ڊاڪٽرن، هٿياربند فوج، سيڪيوري ??دارن قيادت جي فيصلن تي عمل ڪندي ثابت ڪيو ته پاڪستان واحد قوم آهي جيڪا ڪنهن به آفت، وبا ۽ چئلينج ۾ هڪ قوم بڻجي مقابلو ڪري ٿي. هو ڊيجيٽل پاڪستان بابت خاص معاون تانيه ايدروس ۽ وزيراعظم جي ڪوويڊ 19 جي خاتمي بابت فوڪ?? پرسن ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏي?? پريس ڪانفرنس کي ??طا?? ڪري ??هيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا وائرس جا ڪيسز چين کانپوءِ يورپ، برطانيا، وچ اوڀر ۾ سامهون آيا. جنوري، فيبروري 2020ع ۾ پاڪستا?? ۾ ??ورونا جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو. ان وقت پاڪستان ان عالمي وبا جي مقابلي جي لاءِ بلڪل تيار نه هو. صحت جي ڍانچي، ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان هڪ حڪمت عملي جوڙي، جهڙي طرح دنيا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون هنيا ويا هئا پاڪستان اهڙي لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿو ڪري ??گهي. پاڪستا?? ۾ ??جهه عرصي لاءِ جزوي لاڪ ڊائون هڻي ان جي نتيجن تي قيادت پائيدار ڊگهي مدي وارا فيصلا ڪيا ڇو ته ترق?? يافته ملڪن جن جي هيلٿ ڪيئر جو نظام تمام سٺو هو اتي به دل ڌوڏي ڇڏيندڙ واقعا رپورٽ ٿيا هئا.