چلاس – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان گلگلت بلتستان خاص طور تي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، حڪومت گلگلت بلتستان سميت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، پن بجلي جي پيداوار سان نه رڳو ماحول تي منفي اثر پوندا پر ملڪ ۾ سستي بجي پيدا ٿيندي، ان منصوبي جي مڪم?? ٿيڻ سان نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي دوري دوران هتي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ئي ??وم??ن ترقي ڪن ٿيون جيڪي اڳتي وڌڻ جو سوچين ٿيون، مشڪل فيصلا ڪن ٿيون، عوامي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن ٿيون، انساني وسيلن جي ترقي تي سيڙپڪاري ڪن ٿيون. هن چيو ته انصاف جي فراهمي، قانون جي حڪمراني ۽ صحت ۽ تعليم جي سه??لت?? تي ڌيان ڏيندڙ ??وم??ن ترقي جون منزلون طئي ڪن ٿيون ۽ اهي ظلم کان آزاد ٿي وڃن ??يون.