ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جاپان جي وزيراعظم شنزو ابي سان هتي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ جاپان ۾ تازي سامونڊي طوفان بگي بيس سان ٿين??ڙ قيمتي جاني نقصان تي ??هري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر جاپان جي شهنشاهه جي تاج پوشي تي ??يس مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان جاپان جي عوام لاءِ وڌيڪ خوشحالي ۽ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو.