اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ون ونڊو احساس جي جوڙجڪ لاءِ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن جو مقصد ون ونڊ معلومات ۽ خدمتن جي ڪيترن پروگرامن تائين رسائي لاءِ نقطه نظر پيش ڪرڻ هو، اجلاس ۾ بي آءِ ايس پي، پ??ڪستان بيت المال، پ??ڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊز، ٽرسٽ فار والنٽري آرگنائيزيشن، ايڇ ا?? سي سميت غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن جي سمورن عملدرآمدي ادارن جي رهنمائن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پي اي ايس ايس ڊي جو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري به موجود هئا، ان اجلاس ون ونڊو آپريشن لاءِ ساختي منصوبو جوڙي ڇڏيو، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته بنيادي ڍانچو فرنٽ اينڊ بيڪ تي مشتمل هوندو، هارڊويئر ۽ نمايان فزيڪل احساس سينٽر، اينڊرائڊ ايپ ۽ ويب انٽرفيس اينڊ جڏهن اوپن اي پي آئيز فن تعمير سان گڏ رهنما پالي??ي بيڪ اينڊ تي ڪم ڪندي، هن چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ احساس فزيڪل سينٽر ۽ ڊجيٽل انٽرفيس جي پهرئين پروٽوٽائپ تي ڪم شروع ٿيو آهي، ون ونڊو اسٽاپ شاپ جي ذريعي احساس جي 135 پروگرامن ۽ پاليسي قدمن مان ه?? جي طور تي ان قدم جو مقصد آگاهي پيدا ڪرڻ، احساس تحت فراهمي کي گڏ ڪرڻ، شفافيت کي يقني بڻائڻ ۽ حڪومت کان شهرين تائين خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي.