لاهور – 19 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان گورنر هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪراسد قيصر ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پارلياماني، حڪ??متي ۽ سياسي معاملن سميت ٻين معاملن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ پوليٽيڪل سيڪريٽري ٽو گورنر پنجاب ميان ڪاشف اقبال ۽ پنجاب حڪ??مت جي سوشل ميڊيا فوڪل پرسن ميان ا??س اسلم ڊوله به موجود هئا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو ته مخالف ڌر کي قومي مفاد ۾ ٿيندڙ قانونسازي ۾ حڪ??مت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪ??مت پارليامينٽ سميت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته ادارن جي استحڪام سان ئي پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال ٿيندو، هن جو چوڻ هو ته الحمدالله پاڪستان جو تيزي سان اڄ دنيا ۾ اميج بهتر ٿي رهيو آهي.