اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضروري شين جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي ڏس ۾ نجي شعبي ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادارڪ آهي ۽ ان س??سل?? ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ??ان تعلق رکندڙ پ??ڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.