اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن مملڪتي وزير ماروي ميمڻ سيوهڻ شريف ۾ جهانگارا ب??جا??ا جو دورو ڪيو جتي هن هڪ نوجوان ڇوڪريءَ مقتولا ت??ني?? خاصخيلي جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي جنهن کي علائقي جي بدمعاش شادي کان انڪا?? ڪرڻ تي قتل ڪيو هو. هن وزيراعظم جي هدايتن تي وفاقي حڪومت پاران گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي ۽ حڪومت پاران گهرڀاتين کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته معصوم عورتن جو قتل برداشت جوڳو نه آهي ۽ سنڌ حڪومت کي قانون ذريعي اهڙن قاتلن کي سزا ڏياري هڪ مثال قائم ڪرڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو اهڙي قسم جو ڏوهه ورجائڻ جي همت نه ڪري سگهي.