اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته زراعت ملڪي مع??شت جو وڏو شعبو آهي، ڪو??يا پاران ان شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ تجربي جي مٽاسٽا سان ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورتي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ننڍن آبادگارن جي مجموعي آمدني ۾ بهتري ايندي. اها ڳالهه هن ڪو??يا جي نائب وزير هورتائي وونگ جي سربراهي ۾ ڏکڻ ڪو??يا جي رورل ڊيولپمينٽ اينڊ ايڊمنسٽريشن شعبي (ڊي آر ڊي اي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪدني وزير??عظ?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده گهڻ رخن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو. وزير??عظ?? فصلن جي لاءِ مخصوص زرعي ٽيڪنالاجي جي ترقي، محقيقن ۽ آبادگارن جي صلاحيت ۽ تربيت جي فراهمي ۽ زرعي شعبي جي پائيدار ترقي جي حمايت ۾ ڊي آر ڊي اي جي ڪردار کي ساراهيو. وزير??عظ?? اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تمام گهڻين صلاحيتن ک?? استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ڏکڻ ڪو??يا جي نائب وزير پاڪستان ۽ ڪو??يا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي زرعي شعبي ۽ رورل ترقي ۾ ڏکڻ ڪو??يا پاران مسلسل تعاون جي عزم کي ورجايو.