اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??زاد ڪ??مير ۾ چونڊن ۾ فائدي جي لاءِ مستقل ڪيل ايڊهاڪ ملازمن تي نظرثاني ڪنداسين. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ آزاد ڪ??مير ۾ ايڊهاڪ ملازمن جي مستقلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??دارا انهي لاءِ تباهه ٿين ٿا، پي ٽي وي سميت وڏا ادارا سياسي ۽ سفارتي ڀرتيون ٿيڻ تي تباهه ٿيا، گهڻي بجيٽ ادارن جي ملازمن جي پينشن ۾ وڃي ٿي، آزاد ڪ??مير ۾ اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو اهو قدم کنيو ويو هوندو، 2008ع ۾ اسٽيل ملز منافع?? ۾ ??ئي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ سياسي ڀرتين سان اهو ادارو اڄ بند ٿي چڪو آهي، پي آءِ اي اهڙي طرح خساري ۾ آهي، اسان کي ملڪ کي امانت سمجهي هلائڻو آهي، آزاد ڪ??مير ۾ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ تي نظرثاني ڪنداسين.