اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪي??ن ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 77 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگي??ن وينٽيل??ٽر?? تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪما??ڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيل??ٽر?? تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 54 سيڪڙو، لاهو?? ۾ 28 سيڪڙو، پشاو?? ۾ 29 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 22 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 31 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 31 سيڪڙو، پشاو?? ۾ 29 ۽ گجرانوالا ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 43 هزار 900 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 660، پنجاب ۾ 17 هزار 52، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 128، اسلام آباد ۾ 4 هزار 370، بلوچستان ۾ 873، گلگت بلتستان ۾ 340، آزاد ڪشمير ۾ 477 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 69 هزار 691 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيل??ٽر?? تي ڪوويڊ 19 جا 371 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 44 هزار 987 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 36 هزار 131 آهي.