اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جن??ل آف پاڪستان جي اداري کي چيو آهي ته بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ بهترين عالمي معيار ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي آڊٽ جي نظام کي مستحڪم بڻايو وڃي، اداري جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ ڊي اي جي پي آفيسرن لاءِ بهترين تربيتي پروگرام ۽ خصوصي تربيت جو اهتمام ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. ??هڙن خ??ال?? جو اظهار هن آڊيٽر جن??ل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ڳالهائيندي ڪيو. آڊيٽر جنرل صدر کي اداري ۾ سڌارن جي عمل تي بريفنگ ڏني. هن سرڪاري ادارن ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ، احتساب ۾ اضافي ۽ آڊٽ ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن بابت اجاگر ڪيو. بريفنگ ۾ اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل آڊيٽر جن??ل آف پاڪستان فرخ حميد ۽ ناڻي واري وزارت وارو سينئر جوائنٽ سيڪريٽر?? عامر محمود به موجود هو. صدر چيو ته بهتر مالياتي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ آڊيٽر جن??ل آف پاڪستان جي اداري کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پوري آڊٽ عمل کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻو پوندو.