اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته ??ڪومت معاشري جي محروم طبقن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي معاشي خودمختياري حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت احساس پروگرام تحت 20 لک خصوصي ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪندي، ڪامياب جوان پروگرام تحت خصوصي ماڻهن کي ڪاروبار لاءِ قر?? فراهم ڪيا پيا وڃن، حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ خصوصي ماڻهن کي قر?? فراهم ڪري رهي آهي پر آگاهي نه هجڻ جي ڪري انهن قرضن سان خصوصي ماڻهن جو وڏو انگ فائدو نه کڻي رهيو آهي، ميڊيا خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي پيدا ڪري ۽ معاشري ۾ خصوصي ماڻهن بابت تعصب جو ازالو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن ۾ خصوصي وه??ل چيئرز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.