اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيب??پخ??ونخواهه پر پوري ??لڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ايندڙ مرحلو ??لڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي?? افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي?? افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين رابط?? وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي ترقي جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان اهو قدم خوش آئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي اقتصادي زون هوندو، سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيب??پخ??ونخواهه جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خيب??پخ??ونخواهه جي ترقي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيب??پخ??ونخواهه پر پوري ??لڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خيب??پخ??ونخواهه ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خيب??پخ??ونخواهه جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.