اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نو??وان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين ج?? تعليم کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد تعليم جي پڻ منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن سيرت النبي صه ۽ صوفين ج?? تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ڪئي ويندڙ القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳ??رائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳ??رائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين ج?? تعليم جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قد??ن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته نو??وان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين ج?? تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي.