اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت کي مٿي کڻڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر بڻائڻو پوندو، ڪا??ياب جوان پروگرام جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان، رقم جي ورهاست جو عمل وڌيڪ تيز ۽ شفاف ??ند??ز ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ملڪي معيشت تي منفي اثر ختم ڪرڻ لاءِ اهو پروگرام تمام گهڻو ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم خاص مددگار عثمان ڊار ۽ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ??لاق??ت ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ڪا??ياب جوان پروگرام جي تازه ترين انگن اکرن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ پروگرام تحت نوجوانن ۾ رقم ورهائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي مشاورت به ڪئي وئي.