اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ ?? جمهوريت جي فروغ لاءِ بلدياتي ادارن جي مضبوطي ضروري آهي، بلدياتي ادارا عوام کي بنيادي سهولتن ۽ فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهندڙ آهي ان لاءِ ملڪي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ٻهراڙي جي علائقن جي ترقي لاءِ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ خيبرپختونخوا ??ي وڏي وزير جي بلدياتي ۽ ٻهراڙي جي ترقي بابت خاص مددگار ڪامران خان بنگش سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات دوران ڳال??ائ??ندي ڪيو.