اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان و??يراعظم جي پارلياماني معاملن و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شروع ٿين??ڙ اجلاس جي انتظامن ۽ قانون سازي جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر پارلياماني صلاحڪ??ر کي قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شروع ٿين??ڙ اجلاس لاءِ ڪيل انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ڪورونا وائرس وبا جي خطرن کي نظر ۾ رکندي قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شروع ٿين??ڙ اجلاس لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي پارليامينٽ هائوس ۽ پارليامينٽ لاجز ۾ موثر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.