اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي معاملي جي انڪوائري وزيراعظم جي حڪم تي ??روع ٿي، هن پاڪستان جي عوام کان حقيقتون نه لڪائڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، ??وم جي صحت جي پئسن تي هٿ صاف ڪندڙن جي پنهنجي صحت بهترين آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ??دعمل ۾ چيو ته هن وقت قومي اتحاد کي چڪنا چور ڪندڙ پاڪستان جي عوام جو دوست نه ٿو ٿي سگهي، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ شاهد خاقان عباسي پنهنجي ڪرونا زده سوچ جو اظهار وائرس جي خلاف جنگ دوران نه ڪن ته بهتر ٿيندو.