لاهور ??? 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلوبل پو??ٽل جاري ڪرڻ سان پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي ۽ انهن جو پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيندو، سمنڊ پار پاڪستانين کي جيستائين محفوظ ماحول فراهم نه ٿيندو اهي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا، معيشت جي ترقي امن ۽ امان جي بهتر صورتحال ۽ قانون جي عملداري سان ڳنڍيل آهي، دولت جي پيداوار (ويلٿ ڪريئيشن) وسيلي ئي ملڪي معيشت ترقي ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيف سٽي اٿارٽي، دائره ڪار، ڪارڪردگي ۽ پ??ليس خدمت مرڪز جي گلوبل پو??ٽل جاري ڪرڻ تي بر??فن?? لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.