اسلام آباد-11 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا پاڪستان کي نهري ??اڻي جي ورڇ تي تحقيق واري ??نصوبي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو، گذريل ڏين??ن اقتصادي معاملن واري ??فاقي وزير احد چيمه جي منظوري کان پوءِ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز آسٽريلين سينٽر فار انٽرنشينل ايگريڪلچر ريسرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر وينڊي امبر گر سان معاهد?? تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد موسمياتي مناسبت جي لحاظ کان پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي. ان معاهدي موجب آسٽريليا پاڪستان کي ان منصوبي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو اهو منصوبو پنجن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان ۾ نهري ??اڻي جي ورهاست ۽ طريقن کي بهتر بڻائڻ ?? مدد ملندي. هن زرعي شعبي جي ترقي لاءِ آسٽريلوي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.