اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته بين الافغان ڳالهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي ??گهن ٿيون جڏهن ته ان جي لاءِ سمورين ڌرين کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پو??دو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏکيائي به اچي ??گهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پنهنجي مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن موقعن تي اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي انهن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته ڳالهين جي ميز تي بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي ڊيڊ لاڪ جنگ ??ي ميدان جي رتوڇاڻ واري حل کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي تازي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي انهن کي غيرحقيقت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنج?? عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان مان عالمي دنيا جو جلدبازي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي انهن علائقائي عنصرن کان به بچڻو پو??دو جن جي امن عمل ۾ سيڙپڪاري نه آهي ۽ اهي پنهنجي جاگرافيائي مفادن جي لاءِ افغانستان ۾ عدم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.