اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي چيو آهي ته ڪوويڊ 19 جي لاءِ سمورن صوبن کي سامان جي ڇهين کيپ جي پهچ مڪمل ٿي وئي، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??ي سامان موڪليو ويو. اين ڊي ايم اي جي ترجمان مو??ب سنڌ کي 52 هزار 500، آزاد ڪشمير کي 5 ??زار 250 ۽ گلگت بلتستان ??ي 8 هزار 750 اين 95 ماسڪ موڪليا ويا. اين ڊي ايم اي جي ترجمان ٻڌايو ته 63 هزار پروٽيڪٽو سوٽ سنڌ، 6 ه??ار 300 آزاد ڪشمير ۽ 10 هزار 500 سوٽ گلگت بلتستان جي سامان ۾ شامل آهن. ان ??انسواءِ فيس ماسڪ ۽ شيلڊز پڻ سامان ۾ شامل آهن.