اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ??هي ته تحريڪ انصاف صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي ٽارگيٽيڊ مهم هلائي رهي آهي، ان ڪڌي مهم جو مقصد صحافين کي نقصان پهچائڻ آهي، صحافين جي گهرن ۽ خاندانن جا تفصيل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي پاڪستاني مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي مهم افسوسناڪ آهي، هن نفرت جو جيڪو ٻج پوکيو ??ڄ هو پاڻ لُڻي رهيو ??هي، پي ٽي آءِ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي خلاف ??اهرئين ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، اهي فوج کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، فوج مضبوط آهي ته پاڪستان مضبوط آهي، انتشار ڦهلائيندڙ ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته تحريڪ انصاف صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي ٽارگيٽيڊ مهم هلائي رهي آهي، ان ڪڌي مهم جو مقصد صحافين کي نقصان پهچائڻ آهي. هن چ??و ته پي ايف يو ??ي پڻ صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي اها ٽارگيٽيڊ مهم آهي، ان مهم جي ذريعي صحافين جي گهرن ۽ خاندانن جا تفصيل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري انهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. لاهور ۾ صحافي سيد مزمل سان جيڪو ڪجهه ٿيو ??ن تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي ۽ ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ??هي. هن چ??و ته صحافين ۽ انهن جي خاندانن کي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو آهي، پي ٽي آءِ وارا پاڻ ته ڊي چوڪ کان ڀڄي ويا هئا، منهنجو سوال اهو ئي آهي ته ڀڄي ڇو ويا؟ اطلاعات واري وزير چ??و ته خيبرپختونخواهه جي ماڻهن توهان جي فائنل ڪال رد ڪري ڇڏي آهي، حڪومت جي وزيرن به باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي سول نافرماني جي ڪال جي مخالفت ڪئي جيڪو سٺو قدم آهي. پهريون ڀيرو انهن مان ڪنهن قومي مفاد کي سياسي مفاد تي ترجيح ڏني آهي. هن چ??و ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين نفرت جو جيڪو ٻج پوکيو ??ڄ اهو پاڻ لُڻي رهيو ??هي، پي ٽي آءِ ورڇ ۽ انتشار جو شڪار آهي، ان ٽولي جي ڪوشش آهي ته ماڻهن جي گهرن تائين وڃن، انهن جي خاندانن تائين پهچن جيڪو مذمت جوڳو آهي، اهڙن عنصرن جي سڃاڻپ ٿي رهي آهي، ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، انهن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو، هڪ مثال ٺاهيو ويندو ته اڳتي ڪير ڪنهن صحافي کي اهڙي طرح جون ڌمڪيون نه ڏئي سگهي. هن چ??و ته گهرو وزارت سان گڏجي ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙن عنصرن جي چهرن کي سڀني جي سامهون آندو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چ??و ته اهو ٽولو پاڪستان جي مصنوعات جي بائيڪاٽ ڪرڻ جي مهم هلائي رهيو ??هي جيڪو افسوسناڪ آهي، پاڪستاني مصنوعات عام ۽ غريب ماڻهو جي ئي پهچ ۾ آهي. هن چ??و ته هي پاڪ فوج جي خلاف ??اهرئين ايجنڊا جي پرچار ڪن ٿا، پاڪستاني مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو ته چون ٿا پر فلسطين جي معاملي تي نه ٿا ڳالهائين، فلسطين تي اي پي سي منعقد ٿي ان ۾ انهن شرڪ?? نه ڪئي ڇو ته گولڊ سمٿ پاران انهن کي فلسطين جي حق ۾ ڪنهن به مهم ۾ شرڪت ڪرڻ کان منع ڪيو ويو ??هي. هن چ??و ته فوج جا جوان ۽ آفيسر ملڪ ۽ قوم جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، انهن جا خاندان سڄي عمر جو ڏک برداشت ڪن ٿا، جن ملڪن ۾ فوج ڪمزور هوندي آهي ۽ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ ڏار پيدا ڪيو وڃي ٿو ته ٻاهرئين طور تي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي وڃي ٿي. 9 مئي ۽ 26 نومبر تي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن ٻاهريون طاقتون ان جو فائدو کڻي سگهن، پي ٽي آءِ جي پاليسي بلڪل ڪليئر آهي. هن چ??و ته انتشار ڦهلائيندڙ ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو ويندو. وفاقي وزير چ??و ته هي ڊي چوڪ مان پنهنجي فرار کي هڪ ٻئي جي مٿان وجهي رهيا آهن، اهي اندروني طور تي پاڻ ڪمزور ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير چ??و ته تحريڪ انصاف جي انتشار جي گيم جو مقصد پاڪستان کي اندروني طور تي ڪمزور ڪرڻ ۽ انتشار ڦهلائڻ آهي جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته مطيع الله جان جو معاملو حل ٿي چڪو آهي، پوليس جي جاچ هلي رهي آهي، جيڪا به جاچ ٿئي ميرٽ ۽ قانون ۽ انصاف تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن چ??و ته دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ان ڳالهه جي اجاز?? نه آهي ته توهان ٻاهرئين ملڪ ويهي ملڪ جي خلاف سازش ڪريو، ان تي بلڪل زيرو ٽالرنس آهي، جيڪي به ان ۾ ملوث هوندا اهي ٽريڪ ۽ ٽريس ٿيندا، ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي هرگز اجاز?? نه آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چ??و ته مدرسا بل جي حوالي سان عالم سڳورن جي اجلاس ۾ سمورن مڪتبه فڪر جا عالم شامل هئا جيڪي 18 هزار مدرسن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. عالم سڳورا چاهين ٿا ته مدرسن جو انتظام تعليم واري وزارت جي ماتحت ئي رهي. هن چ??و ته 2018ع کان سڌارن جو هڪ سلسلو شروع آهي جنهن تحت 18 هزار مدرسن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان قابل احترام آهي، ان مسئلي جو حل اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو سڀني کي قابل قبول هجي. مدرسي جي شاگردن جو نقصان نه ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهي سائنسدان، انجنيئرز ۽ ڊاڪٽر بڻجي سگهن ۽ زندگي ۾ اڳتي وڌي سگهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چ??و ته حڪومت جو ڪم سڀني کي ٻڌڻ ۽ انهن کي گڏ کڻي هلڻ هوندو آهي، ڪوشش هوندي ته سڀني کي اڳتي وٺي هلون. وفاقي وزير هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چ??و ته اسان اخبارن ۽ ٽي وي تي ڪو ٽيڪس لڳڻ نه ڏنو جنهن جي ڪري انهن جي ڪاروبار ۾ فائدو ٿيو، گذريل ٻن اڍائي سالن جون رهتون به ادا ڪيون، اي پي اين ايس ۽ پي بي اي کي گهرجي ته اهي پگهارن ۾ اضافو ڪن، سروس اسٽرڪچر تيار ڪن. هن چ??و ته ڪيترن ئي چينلز انڪريمنٽس پڻ ڏنا آهن، ٻين ادارن کي به گهرجي ته اهي ان جي پيروي ڪن. تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اڃا ڪا خبر نه آهي ته اهي مذاڪرات آهن يا مذاق رات.