نيويارڪ – 10 مئي (اي پي پي) فلسطين طرفان گڏيل قومن گڏيل قومن ۾ مڪمل رڪنيت حاصل ڪرڻ ??اء?? گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جو خاص اجلاس جمعي تي منعقد ٿيو. گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي ۾ فلسطين کي گڏيل قومن جي رڪنيت ڏيڻ جي حوالي سان ٺهراءُ گڏيل عرب امارتن پيش ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي تهرياست فلسطين چارٽر جي آرٽيڪل 4 مطابق گڏيل قومن ۾ رڪنيت ??اء?? اهل آهي ۽ ان ڪري ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ٺهراءُ ۾ سلامتي ڪونسل کا?? مطالبو ڪيو ويو آهي ته ان معاملي تي سٺي طريقي سان ٻيهر غور ڪري. سفارتڪارن ۽ تبصرو ڪندڙن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت جو مطالبو ڪندڙ ٺهراءُ کي اڪثريت حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي، پر رڪنيت ملڻ جو امڪان ناهي ڇو جو آمريڪا فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ ٻه طرفا معاهدي کا??سواءِ رياست کي تسليم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ٿو.