اسلام آب??د ?? 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته موجوده سياحتي ماڳن کان سياحن جي رش منتقل ڪرڻ لاءِ نوان سياحتي ماڳ بڻايا وڃن، پاڪستان قدرتي حسن سان مالا مال آهي ۽ اسان کي انفراسٽرڪچر ۽ رهائش سميت سياحتي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم وزيراعظم جي سياحتي رابطن واري ??اص مددگار اعظم جميل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مل?? ۾ سياحتي شعبي جي فروغ بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي هدايت ڪئي ته موجوده مصروف سياحتي ماڳن کان سياحن جي رش گهٽ ڪرڻ لاءِ مل?? جي ناردرن ايرياز ۾ ??اص طور تي سردي جي موسم ۾ متبادل سياحتي ماڳ بڻايا وڃن، هن چيو ته پاڪستان قدرتي حسن سان مالا مال آهي ۽ اسان کي پنهنجي انفرااسٽرڪچر ۽ هائوسنگ سميت سياحتي سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن هدايت ڪئي ته گورنر هائوس نٿيا گلي کي بحال ڪري رياستي مهمانن جي لاءِ ??اص طور تي اهم سياحتي مرڪز طور تي ڊولپ ڪيو وڃي، هن هدايت ڪئي ته نجي شعبو خدمتون به مل?? جي سياح?? جي فروغ جي لاءِ حاصل ڪيون وڃن.