اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ چا??ي ٿي، اسان چونڊ سڌارا، عدالت ۽ احتساب جي نظام ۾ سڌارا چا??يون ٿا، جيڪي مخالف ڌر کانسواءِ ممڪن نه آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ ق??اد?? پنهنجي ڪيسن ۾ رليف کانسواء?? ڪنهن ٻي موضوع تي ڳالهه ڪرڻ نٿي چا??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ شريف فيملي کي پاڻ کان علحيده ڪري ٿي ته اها مثبت اڳڀرائي ٿي??دي، سياسي پارٽين کي اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن جو شڪار ق??اد?? مٽائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نواز شريف هر مشڪل وقت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي لنڊن پناهگير ٿي ويو، اهڙي ليڊر جي عزت ناهي رهندي.