اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چ??و آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا. جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي. دنيا ۾ جمهوريت کي چئلينجن جو منهن ڏسڻو پئجي ره??و آهي. ڪنهن س??چيو به نه هو ته ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيندو. اها ڳالهه گذريل ڏينهن يوم جمهوريت جي عالمي موقعي تي رٿيل تقريب کي ??طاب ڪندي چئي. هن چيو ته 20 سالن کان دنيا ۾ جمهوريت جي ارتقا ڏٺي وئي آهي ته هو انتهاپسندي ۽ عدم برداشت ۾ واڌ ٿي آهي. اهڙا ملڪ جتي جمهوريت قائم آهي اتي اسان کي ??هڙا منظر ۽ ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ ملي آهي جنهن جي باري ۾ اڳ ڪڏهن س??چيو به نه هو. هن چيو ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ احتساب جو هڪ اهڙو نظام هئڻ گهرجي جو جيڪڏهن ڪو غلطي ڪري ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏئي سگهجي. آزاد ميڊيا کان س??اءِ جمهوريت مڪمل نه هوندي آهي. هن چيو ته 2007ع ۾ عدليا جي حوالي سان مهم هلي ته ان وقت اسان به روڊن تي نڪتا هئاسين ۽ آزاد عدليه کان س??اءِ جمهوريت جو تصور ئي ناهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ ملڪ اندر جمهوريت مضبوط ٿي آهي ان ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2013ع ۾ پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ٿيو جمهوري دور مسلسل 13 سالن کان هلي ره??و آهي. هن چيو ته هن وقت ??وڙين خبرن جي پکيڙ ۾ واڌ ٿي آهي، ان حقيقت ??ان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ڄاڻايل ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تي سمورين واڳيل ڌرين کي ملي ڳالهائڻ گهرجي. جمهوريت ان وقت مضبوط ٿيندي آهي جڏهن عوام کي محسوس ٿئي ته جيڪڏهن جمهوري نظام نه هوندو ته منهنجي زندگي ۾ ابتري پيدا ٿيندي بهتري نه ايندي. ماڻهن کي ??يئن ئي محسوس هئڻ گهرجي ته کين ترقي جي سفر ۾ جائز حصو ملي ره??و آهي. وزيراعظم جي بنيادي پيغامن ۾ هڪ اهو به پيغام آهي ته سڀ کان ڪمزور طبقي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ ترجيحي بنيادن تي وسيلا مهيا ڪيا وڃن. احساس پروگرام تحت انهن طبقن کي ??هولتون فراهم ڪيون. ??لو??ستان، اندروني سنڌ، گلگت بلتستان جي پٺتي پيل علائقن لاءِ پئڪيج ڏنا، ڪراچي لاءِ 2 کرب جا 4 پئڪيج ڏنا، ??لو??ستان لاءِ تاريخ م سڀ کان وڏو ترقياتي پئڪيج ڏنو جو اتي جون مخالف جماعتون پاڻ چئي رهيون آهن ته اڄ کان اڳ ايترو وڏو ترقياتي پئڪيج ??لو??ستان کي ڪنهن به نه ڏنو.