لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان فيڊرل يونين ج??نلسٽس (??ي ايف يو جي) جي صد?? رانا عظيم ۽ پنجاب يونين آف جرنلسٽس (پي يو جي) جي صد?? شهزاد حسين بٽ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ??ي ايف يو جي جو سيڪريٽري اطلاعات احتشام الحق، آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (ايپنڪ) جو وائيس چيئرمين نعيم مصطفيٰ، پي يو جي جو سيڪريٽري اشرف مجيد، ??ي ايف يو جي جو اسسٽنٽ سيڪريٽري شاهد چوڌري، لاهور پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو ميمبر فاروق جوهري ۽ رانا مظهر پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ صحافين جي مسئلن ۽ پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ??يم ڊي اي) مسودي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ پي ??يم ڊي اي بابت صحافين جي خدشن کي ختم ڪنداسين. هن چيو ته پي ??يم ڊي اي ۾ صحافي ورڪرز جي حقن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون جڏهن ته پي ??يم ڊي اي جي حوالي سان قياص آرائيون بلڪل ڪوڙ آهن، ڪنهن به ميڊيا هائوس کي بند نه پيو ڪيو وڃي. فواد چوڌري چيو ته صحافين جي لاءِ رهائشي پلاٽس ۽ آسان شرطن تي قرض جاري ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پي ??يم ڊي اي کي آرڊيننس سان نه پر بل جي صورت ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پي ??يم ڊي اي مسودي جي شفافيت جي لاءِ ڪميشن ٺاهينداسين جنهن جو سربراهه هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج يا ان جي برابر عهدي جي شخصيت هوندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??ي ايف يو جي جي سيڪريٽري جنرل رانا عظيم چيو ته پي ??يم ڊي اي ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پي ??يم ڊي اي جو اصل مسودو جاري ڪري ڌرين سان مشاورت ڪئي وڃي. پي يو جي جي صد?? شهزاد حسين بٽ چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ پگهارن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته صحافين کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. (ايپنڪ) جي چيئرمين نعيم مصطفيٰ چيو ته پي ??يم ڊي اي بابت ميڊيا ورڪرز جي بي چيني کي ختم ڪيو وڃي.