مري – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن سڄي ملڪ جي ڇوڪرين کي بهترين تربيت فراهم ڪري کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ ??اءِ قدم کڻي رهي آهي، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ انهن جي ڪردار سازي به ضروري آهي، صحتمند ۽ تربيت يافته عورت نه رڳو گهر پر ملڪي ترقي ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نيشنل سمر ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته ڪامياب سمر ڪيمپ جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، ڪيمپ ۾ شريڪ شاگردن جي عزم ۽ روشن چهرو پاڪستان جي باني جي ان خواب جي تعبي?? آهي جيڪا هن قيام پاڪستان لاءِ ڏٺو هو، گرلز گائيڊ کي ان ڪيمپ ۾ پنهنجي صلاحي??ن کي نکارڻ ۽ هڪٻئي کان سکڻ جو موقعو مليو آهي، هن چي?? ته گرلز گائيڊ جي عالمي ميمبرن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، ان تاريخ جو حصو بڻجڻ جو مقصد معاشري جي عورتن جي تعميري ڪردار کي فروغ ڏيڻ آهي. اها تحريڪ عورتن ۽ ڇوڪرين کي شهري جي حيثيت سان انهن جي صلاحي??ن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. انهن جي هنرمندي، تعليم سميت ٻين شعبن ۾ صلاحي??ن کي اجاگر ڪرڻ ۽ نکارڻ جو موقعو ملندو آهي، انهن جي جسماني صحت ۽ تندرستي سان گڏوگڏ انهن جي اندر اعتماد ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي، هن چي?? ته گرلز گائيڊ جي اها تحريڪ نوجوان ڇوڪرين کي صحتمند ۽ فعال رکڻ ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪري رهي آهي، اها تحريڪ ڇوڪرين کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ سماجي براين کي روڪٿام جي حوالي سان تربيت فراهم ڪندي آهي.