اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت جي نيشنل ڊ??جيٽل انفارميشن پليٽ فارم ”اين ڊي آئي پي“ منصوبي تحت قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ان حوالي سان هڪ پ??وقار تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي تحت پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان، پيمرا، پي آئي ڊي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۽ ميڊيا يونيورسٽي جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعت ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي و??ير فرخ حبيب، انساني حقن واري وفاقي و??ير ڊاڪٽر شيرين مزاري، وزيراعظم جو احتساب ۽ گهرو معاملن بابت خاص معاون شهزاد اڪبر ۽ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا.