اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا کي افغ??نس??ان جي خلاف پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسان شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جا حامي آهيون، عالمي برادري ڀارت جي بليڪ مارڪيٽ ۾ يورينيم جي غير قانوني وڪري جو سنجيدگي سان نوٽ??س وٺي، تابڪار مادي جو غلط هٿن ۾ وڃڻ ??نس??ني جانين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، عالمي ميڊ??ا پاران ايتري اهم واقعي کي نظرانداز ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ڪورس جي غير ملڪي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. نيشنل ڊفينس ??ون??ورسٽي ۾ ڪورس هيٺ 12 ملڪن سان تعلق رکندڙ فوجي آفيسرن صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ده??تگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ده??تگردي کي شڪست ڏني آهي. پاڪستان ده??تگردي جي خلاف جنگ ۾ 70،000 جانين ۽ 150 بلين ڊالر جي معاشي نقصان کي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. افغ??نس??ان جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي صدر چيو ته پاڪستان افغ??نس??ان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي ڇو ته افغ??نس??ان ۾ امن ۽ استحڪام سان سڀ کان وڌيڪ فائدو افغ??نس??ان کانپوءِ پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته افغ??نس??ان ۾ ڊگهي تڪرار سان سڀ کان وڌيڪ متاثر به پاڪستان ٿيو آهي، افغ??نس??ان ۾ جنگ پاڪستان جي معيشت ۽ سيڪيورٽي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، صدر چيو ته پاڪستان شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جو حامي رهيو آهي، جنگ تڪرارن جو حل نه آهي ڇو ته ان سان ??نس??ني اذيت ۽ تڪليف ۾ اضافو ٿيندو آهي،