اسلام ??باد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي علا??قي لنڊن ۾ پاڪستاني ڄائي مسلمان ڪينڊين خاندان جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ان واقعي سان اولهندي ملڪن ?? وڌندڙ اسلاموفوبيا جي خبر پوي ٿي، ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم پاڪستاني ڄاول ڪينڊين مسلمان خاندان جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جو اهو قابل مذمت قدم اولهندي ملڪن ?? وڌندڙ اسلاموفوبيا کي ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته هو اسلاموفوبيا کي روڪڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي.