اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ جي بدانتظ??مي جي خلاف شڪ??يت تي بينڪنگ محتسب پاران مناسب ڪ??رر??ائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملي تي قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب لاهور جي رهواسي عورت روبي انوار حبيب بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ مان 140000 روپين جي رقم بنا اجازت منتقل ڪرڻ ۽ بئنڪ جي بدانتظ??مي تي ڪا به ڪ??رر??ائي نه ٿيڻ جي شڪ??يت ڪئي، هن بئنڪنگ محتسب کي پنهنجي شڪ??يت ۾ ٻڌايو ته لاڳاپيل بئنڪ جي سامهون ان بدانتظ??مي جو معاملو اٿاريو ويو پر کيس ڪو به رليف نه ڏنو ويو. بئنڪنگ محتسب مناسب جاچ کانسواءِ ۽ شڪ??يت ڪندڙ کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس بند ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪ??يت ڪندڙ بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي.