اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڌانڌلي ناهيون ڪندا، نيوٽرل ايمپائر وسيلي کٽڻ وارو آهيان، اسان وڏي مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون، هاڻي بهترين وقت اچي رهيو آهي، مخالف اقتصادي واڌ جي شرح ??ي حيران آهن، صنعتي زونز جي قيام سان ملڪي روانگي اوپار ۾ ا??اف?? ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنام?? زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ نه ??ڳو خيبرپختونخوا پر پاڪستان لاءِ به خوش آئنده ڏينهن آهي، صنعت سازي کانسواءِ دولت جي پيداوار ۾ ا??اف?? نه ??هي، رشڪئي اڪنام?? زون سي پيڪ جو حصو آهي، وزيراعظم چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، مغرب جي صنعتي ترقي پراڻي ڳالهه آهي، اسان کي چين جي صنعتي ترقي مان سکڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته زون جون زمينون وڪرو نه ڪيون وڃن پر ليز تي صنعتڪارن کي ڏنيون وڃن ته جيئن صنعتون قائم ٿين، بجاءِ ان جي ته زمينن جو خريد ۽ وڪرو ٿئي ۽ ليز به گهٽ رکو ته جيئن صنعتڪار هتي صنعتون قائم ڪري سگهن، وزيراعظم چيو ته هتي اهڙيون صنعتون لڳنديون جنهن سان روانگي واپار وڌي. وزيراعظم چيو ته جيستائين اسان روانگي واپار نه وڌائينداسين ته دولت جي پيداوار ۾ ا??اف?? نه ٿيندو، رڳو اناج ۽ گله وڪرو ڪري اسان ترقي نٿا ڪري سگهون، چين جهڙي طرح ??نعت کي ترقي ڏني ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ اڪنام?? زون ٺاهيا اسان کي به ٺاهڻا پوندا، بدقسمتي سان ماضي ۾ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ نه ??ڻايو ويو. رشڪئي اڪنام?? زون جي قيام سان روانگي واپار ۾ ا??اف?? ٿيندو هن وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري، ون ونڊو آپريشن هجڻ گهرجي، حڪومت جو ڪم سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، وزيراعظم چيو ته چين جون صنعتون هاڻي اهڙن ??لڪن ۾ منتقل ٿي رهيون آهن جتي لاڳت گهٽ ايندي آهي، اسان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان آڻڻ جا خواهشمند آهيون. اسان ٻاهرين ملڪ پنهنجي سيڙپڪارن کي به ترغيب ڏينداسين جيڪي بنگلاديش، دبئي، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فيڪٽريون لڳائيندا آهن ته هتي ڇو نٿا لڳائين.