اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته بلوچستان صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، معدنيات بابت تعليم ۽ هنر جي فروغ ۾ عمر خا?? سنجراڻي يونيورسٽي اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي، پاڪستان ۾ فني تعليم سان ليس هنر م??د ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هي دور اسپيشلائيزيشن جو دور آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن سان ڳ??لهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي.