اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (ا?? پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) موبائيل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ ۽ ال??ڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري ڏيندي مقامي سطح تي موبائيل فون جي تياري جي شعبي جي حوصلا افزائي جي ل??ءِ ريٽيلرز جي ل??ءِ مينوفيڪچرنگ تي 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کانسو??ءِ مقامي طور تي موبائيل فونز جي تياري تي سيلز ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي جنهن جي ل??ءِ طريقيڪار ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ طئي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پاران قرض وٺڻ جي نئين پاليسي 2020ع پيش ڪئي وئي. ان کانسو??ءِ اجلاس عالمي فنانس ڪار??ور??شن پاران پاڪستاني رپئي سان واڳيل بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي ايجنڊا کي اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.