اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته هڪ نصاب هڪ قوم ??ڻائيندو، ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ هڪ اهم خدمت ??هي. وزيراعظم ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاذح ڪيو، ريڊيو اسڪول جو منصوبو اطلاعات واري وزارت ۽ تعليم واري وزارت جي حصيداري سان شروع ڪيو ويو ??هي. ان سان ملڪ کي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪورونا وبا جي ڪري معطل ٿيندڙ تعليمي سلسلي کي بحال رکي سگهبو. تقريب ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم واري پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان جي ڪري تعليمي عمل به متاثر ٿيو ??هي. وزيراعظم چيو ته تعليم ۽ اطلاعات واري وزارت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته انهن تعليم جي سلسلي کي جاري رکڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا آهن جن سان تعليمي عمل تي وبا جي ڪري پوندڙ منفي اثرن ۾ گهٽتائي ٿي??دي. وزيراعظم چيو ته ان عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال خوش آئنده ??هي. ان سان ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم پهچائڻ ۾ مدد مل??دي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڻي اسان کي خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ استادن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن سان انهن علائقن جي تعليمي معيار ۾ بهتري اي??دي. وزيراعظم چيو ته هڪ جهڙو نصاب تعليم واري وزارت جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي ۽ انقلابي قدم ??هي. ان سان هيٺئين طبقن کي به تعليم ۽ اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا ملندا. وزيراعظم نيشنل ايجوڪيشن پاليسي کي به جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته فني تعليم پڻ تمام ضروري ??هي. وزيراعظم چيو ته مون گورنمينٽ ڪاليج جي پهرين پرنسپل جي ڪتاب جو مطالعو ڪيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته 1897ع کانپوءِ ڪيئن انگريزن مسلمانن جي تعليمي نظام کي تباهه ڪيو، ان وقت ديني مدرسن ۾ هندو ۽ سک به تعليم حاصل ڪندا هئا جڏهن ته اتي جديد تعليم پڙهائي ويندي هُئي پر بعد ۾ ديني مدرسن کي آئسوليٽ ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد کي تعليم جي حوالي سان ماڊل بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته موجوده تعليمي نظام هيٺئين طبقي کي مٿي اچڻ کان روڪي ٿو جڏهن ته انهن جي صلاحيتن کي محدود ڪري ٿو. ٽيلي اسڪولنگ جي قدمن سان شاگردن جي لاءِ 0 ڪلاڪ جي نشريات جاري ره??دي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي تعليم پورٽل جي ترويج جي لاءِ آگاهي مهم ۾ ”فيس بڪ“ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت سان حصيداري ڪري رهيو ??هي. ان مهم جو مقصد عوام کي ”اي تعليم پورٽل“ ۽ ان تي موجود تعليمي مواد کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن شاگرد ۽ والدين ان مان هر مممڪن فائدو کڻي سگهن.