پنڊداد خان – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سال 2019ع ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ??يو?? 2020ع ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو، وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن قوم کي چيو هو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، تبديلي ۽ سڌارن جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اهڙيون مافيائون آهن جنهن جو م??اد پراڻي ۽ ڪرپٽ نظام سان لاڳاپيل آهي ۽ اهي ئي وڌيڪ گو?? ڪندا آهن، اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه آهي، اسان ملڪ کي بهتر ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ڪرپٽ مافياز کي شڪست ڏيڻي آهي، مودي جي والاريل ڪشمير ۽ هندو??تا?? ۾ مسلمانن تي ظلمن جي خلاف اندر مان ماڻهو اٿي بيٺا آهن، عالمي ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت طرفان امڪاني واردات کان پهرين ئي دنيا کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پاڪ??تا?? جي هٿياربند فوج هر طرح جي صورتحال جو م??ابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن 117 ڪلوميٽر ڊگهي جلال پور ايريگيشن ڪينال جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.