اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر ن??ئيڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ذاڪر ن??ئيڪ اسلام جو صحيح پيغام ماڻهن تائين پهچائي هڪ انتهائي اهم فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ڊاڪٽر ذاڪر ن??ئيڪ جي آجيان ڪندي چيو ته مسلمان امت توهان تي ناز ڪري ٿي ته توهان سڄي دنيا کي اسلام جي صحيح تشخص کان روشنا?? ڪرايو، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته توهان جي ٻڌندڙن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن جو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان جا ليڪچرز تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو آهي جيڪي تمام گهڻا ڄاڻ ۽ تاثير سان ڀرپُور هوندا آهن. وزيراعظم چيو ته مون کي اهو ڄاڻي انتهائي خوشي ٿي ته توهان جو پٽ به توهان جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي ۽ دين اسلام جي خدمت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر ن??ئيڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذاڪر ن??ئيڪ چيو ته مون 1991ع ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان جي ياد تازي آهي. ڊاڪٽر ذاڪر ن??ئيڪ چيو ته پاڪستان دني?? جو واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي جيڪو اسان کي هر معاملي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اسلام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ته سڄي دنيا ۾ اسلام جو پيغام عام ڪريان. ڊاڪٽر ذاڪر ن??ئيڪ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هو اسلام آباد کانسواءِ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ليڪچرز ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ذاڪر ن??ئيڪ جي لاءِ نيڪ ??وا??شن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ذاڪر ن??ئيڪ چيو ته اڄ منهنجي پاڪستان اچڻ جي ??وا??ش پوري ٿي جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي، پاڪستان دنيا جي نقشي تي واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، پاڪستان جي عوام جو اسلام سان گهرو لڳاءُ آهي، اڄ الله منهنجي ??وا??ش پوري ڪئي ۽ آئون پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي آيو آهيان، ان تي آئون پاڪستان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن گهرايو. هن چيو ته پاڪستان جو هڪ خصوصي درجو آهي، پاڪستان جي مختلف شهرن جو دورو ڪندس، عالمن سان ملاقاتون ٿينديون ۽ پبلڪ ليڪچر ڏيندس.