اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هلندڙ سال اپريل ۾ ٽيڪس ۽ اوڳاڙي ۾ 57 سيڪڙو اضافي ??ي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هڪ ٽ??ئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال 384 ارب رپين ??ون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏهن ته گذريل سال اپريل ۾ 240 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي ٿي هئي. هن چيو ته جولاءِ 2020ع کان اپريل 2021ع تائين 3780 ارب رپين ??ون اوڳاڙيون ٿيون آهن جيڪي گذريل سال جي ا??هي عرصي جي مقابلي ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهن.