اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ هر ممڪن ??دم کڻندي، وزيراعظم اقتصادي به??ريءَ لاءِ ??دم نه کڻي ها ته سڄو ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ها، ماضيءَ جا معاهدا قوم ڀوڳي رهي آهي پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪنداسين، جن کي نيب کان ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو انهن ٻيو رستو اختيار ڪيو، حڪومت معاشي به??ريءَ لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن به??ري ۾ وقت لڳندو. وفاقي وزير مخدوم سيد فخر امام، حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ حڪومت جو فرض آهي. وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجي فرضن کان غافل نه آهي. هڪ طبقو ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ فر?? جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي.