اسلام آب??د – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا جي 625 مريضن ج?? ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 15 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 697 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 689، پنجاب ۾ 11 هزار 722، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 765، اسلام آب??د ۾ 2 هزار 228، بلوچستان ۾ هڪ هزار 93، گلگت بلتستان ۾ 601، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 98 هزار 55 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??ڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪو??ڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 877 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 13 هزار 431 آهي.