اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پبلڪ سروس جي نگراني ۾ بهتري لاءِ ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ک??ن مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خاص مددگار عثمان ڊار مستقبل جي منصوبابندي تي ٻڌل جامع پلان پيش ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ٽائيگر فورس جي ذر??عي اي گورننس سسٽم آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ميڊيا سيل ما?? جاري بي??ن موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ٽائيگر فورس اي گورننس پلان تي مشاورت ڪئي وئي آهي، ٽائيگر فورس جا نوجو??ن مقامي سطح تي گورننس جي معاملن کي رپ??رٽ ڪري سگهندا، ضروري شين جي قيمتن ۽ صحت جي سهولتن بابت عملدارن کي آگاهه ڪيوويندو، پناهگاهن، مارڪيٽن، تعليمي ادارن ۽ عوامي جاين تي سروسز جي فراهمي رپ??رٽ ٿيندي، ٿاڻي، لينڊ رڪارڊ، بجلي چوري ۽ عوامي شڪايتن تي به نظر رکي سگهندا، سروسز جي فراهمي کان انڪار يا رشوت جي ڪوشش کي رپ??رٽ ڪري سگهجي ٿو.