اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) عالمي اسلامي يون??ور??ٽي اسلام آباد جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو 14 هون اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ يون??ور??ٽي جي صدر لاءِ ڊاڪٽر هتل بن جم??دالعتيبي جي نالي جي متفقه طور تي منظوري ڏني وئي. هو هن وقت امام محمد بن سعود يون??ور??ٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب عالمي اسلامي يون??ور??ٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي اسلامي يون??ور??ٽي جي سرگرمين ۽ ان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي اسلامي يون??ور??ٽي علم سکڻ جو هڪ عظيم مرڪز آهي جيڪا نه رڳو جديد تعليم فراهم ڪري ٿي پر شاگردن کي شريعت، اسلام جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تعليم ڏيڻ جي لاءِ پڻ اهم خدمتون فراهم ڪري ٿي.