اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت وڏن شهرن ۾ شاپنگ مالز کولڻ ۽ 20 مئي کان ٽرينون هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، شاپنگ مالز ۽ بازارن ۾ سماجي فاصلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گه??جي?? ڪورونا وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، ڪاروباري طبقي ج?? سهولت لاءِ عيد جي ڏينهن ۾ به صنعتون هلائڻ جي اجازت هوندي، اسان کي ڪورونا سان گڏوگڏ بک جو به مقابلو ڪرڻو آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.