اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) حڪومت ضرورت جي شين کانسواءِ تعميرات سان لاڳاپيل ڪاروبار ۽ دڪان کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شام 5 وڳي دڪان بند ڪر??ا پوندا، مخصوص او پي ڊيز ب?? کوليون و??ند??ون، تعليمي ادارا بند رهندا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏ??ند?? منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفا??ي وزير اسد عمر چيو ته اجلاس ۾ 6 شين تي اتفاق ٿيو آهي، ڪنسٽرڪشن ۽ ننڍا دڪان کولڻ تي اتفاق ٿيو آهي، سحري کانپوءِ شام 5 وڳي تائين دڪان کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، رات جو دڪان بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مخصوص او پي ڊيز ب?? کولڻ جو فيصلو ٿيو آهي، تعليمي ادارن جي بندش ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.