اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۾ ورتل ٻارن جي لاءِ عوام کي رت جي ع??ين جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٽرانسپورٽ سميت ٻين پابندين جي ڪري ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جا عطيا گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو ڏيو ڇو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت هڪ عظيم ني??يءَ آهي، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي زندگي جو دارومدار رت جي ع??يي تي هوندو آهي، رت جو عطيو ڏيندڙن جي حوصلا ??فز??ئي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف نائن پارڪ ۾ قائم ٿيلسيميا سينٽر جي دوري تي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.