اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جو رت چوسي غريبن جي پئسي تي پلجندڙ اڄ ??ڪو??ت ۾ ڪفيل ڳولي رهيا آهن، مافيا جا سرغنه لنڊن ۾ آهن، خواجه آصف صا??ب کي گهرجي ته اتي رابطو ڪري، پارليامينٽ هائوس ٻاهران مخا??ف ڌر پارٽين جو احتجاج انهن جي سياسي محرومين جي ماتم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مخا??ف ڌر پارٽيون عوام جي لاءِ نه پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن، انهن جي پيٽ ۾ عوام جي همدردي جو نه پر پنهنجي ڪرپشن ۽ اقتدار جو سُور ٿي رهيو آهي.