اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزير اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان احتجاجي مارچ کي ??خالف ڌر جو احتجاجي مارچ بن??ئڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ڪجهه عنصر مولانا فضل الرحمان جو ڪلهو استعمال ڪري حڪومت کي ??دف بڻ??ئڻ چاهين ٿا، اسان جمهوري ماڻهو آهيون انهي بنياد تي وزيراعظم فيصلو ڪيو ته مخالف ڌر جي احتجاجي مارچ کي ??ه روڪيو ويندو، هر قيمت تي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائينداسين، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيندا رهندا آهن.